اس??ام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمر??ن خان جي هدايت تي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ سڀئي صلاحيتون استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، موجوده حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، عالمي برادري جي خاموشي اسان کي ترغيب ڏي ٿي ته ڪشميرين جي لاءِ جيڪو به ڪرڻو آ??ي اهو اسان کي ڪرڻو آهي، وزيراعظم عمر??ن خان ڪشمير جو وڪيل ۽ سفير بڻجي عالمي سطح تي ڪشمير مسئلي کي بهترين انداز ۾ اجاگر ڪيو آهي. هو نيشن?? پريس ڪلب ۾ نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.