اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گهرو وزارت کي هدايت ڪئ?? آهي ته هو عدم تشدد جو بل قومي اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪري. پنهنج?? ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته گهرو وزارت کي هدايت ڪئ?? آهي ته عدم تشدد جي بل کي قومي اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ جي لاءِ قدمن کي تيز ڪيو وڃي، هن چيو ته تشدد ڪنهن به مهذب جمهوري معاشري ۾ ناقابل قبول آهي ۽ اهو اسلام جي تعليم، اسان جي آئين ۽ عالمي معاهدن جي به خلاف ورز?? آهي.