اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 670 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 6 ماڻهو ڪورونا جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 24 ه??ار 22 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 774، پنجاب ۾ 8 هزار 124، خيبرپختونخوا ۾ هڪ هزار 876، اسلام آباد ۾ 2 هزار 873، بلوچستان ۾ 978، گلگت بلتستان ۾ 223، آزاد ??شمير ۾ 165 ٽيسٽ ڪيا ويا، ??يس??ائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 66 هزار 301 ٿي چڪو آهي، آزاد ??شمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 920 وينٽيليٽرز تي 141 ڪورونا جا مريض آهن، هن وقت ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران ڪوورنا جا ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 16 هزار 248 آهي، ??يس??ائين ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 88 هزار 717 آهي، جنهن مان آزاد ??شمير ۾ 2 هزار 181، بلوچستان ۾ 12 هزار 224، گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 486، اسلام آباد ۾ 15 هزار 378، خيبرپختونخوا ۾ 35 هزار 153، پنجاب ۾ 95 هزار 391 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 25 هزار 904 مريض آهن.