اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوامي جمهوريه ??نگ??اديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي ٽيلي فون ڪئي ۽ ساڻس ??نگ??اديش ۾ ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ فوتگين تي افسوس جو اظهار ??يو ۽ وائرس جي پکيڙ روڪڻ جي لاءِ ??نگ??اديش جي حڪومت طرفان کنيل قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي ڪووڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجز جي لاءِ پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ کنيل قدمن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان شيخ حسينه واجد کي پنهنجي حڪومت طرفان عوام جون زندگيون ۽ معاش جو ذريعو بچائڻ جي لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن ??نگ??اديش جي وزيراعظم کي اسرندڙ ملڪن جا قرض معاف ڪرڻ جي حوالي سان عالمي سطح تي شروع ڪيل پنهنجي قدمن ۽ ڳالهين کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم ??نگ??اديش ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن تي به افسوس ۽ همدردي جو اظهار ??يو ۽ ان قدرتي آفت سبب متاثر ٿيندڙن جي جلد بحالي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ??يو، وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ ??نگ??اديش جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي رابطن ۽ عوام جي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا تي زور ڏنو، وزيراعظم عمران خان سارڪ سان پاڪستان جي ڪمٽمينٽ جو اعلان ڪندي پائيدار امن ۽ خوشحالي جي لاءِ علائقائي تعاون وڌائڻ جي سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.