اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عالمي قانونن تحت پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي پنهنجي سفارتي ذمي??ار??ون سرانجام ڏيڻ کان روڪڻ ۽ سفارتي عملي جي گرفتاري ۽ تشدد ڪڌي ۽ انتهائي قابل مذمت حرڪت آهي، ڀارت خطي ۾ پنهنجي سمورن پاڙيسرين جي خلاف جارحيت جو ڏوهاري آهي، عالمي برادري ڀارتي قدمن جو نوٽيس وٺندي سفارتي ?? عالمي قانونن جي منافي رويي تي ڀارت جو گهيراءُ ڪري، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي متعصباڻي ۽ پرتشدد قدمن جو نشانو بڻائيندڙ آر ايس ايس بي جي پي حڪومت نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي عملي تي بي بنياد ۽ ڪوڙن الزامن جي مهم شروع ڪري چڪي آهي، عالمي قانونن تحت پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي پنهنجي سفارتي ذمي??ار??ون سرانجام ڏيڻ کان روڪڻ ۽ سفارتي عملي جي گرفتاري ۽ تشدد ناپاڪ ۽ انتهائي قابل مذمت حرڪت آهي.