پشاور – 09 مارچ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته رانديگر نه هجان ها ته سياست ۾ هار مڃي چڪو هجان ها، زندگي لاهن چاڙهن جو نالو آهي، هيٺ ڪري اٿڻ وارو پهرئين کان وڌيڪ مضبوط هوندو آهي، راند ئي مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻ سيکاريو. قيوم اسپورٽس ڪامپليڪس پشاور ۾ انڊر 21 گيمز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ وز??راعظم عمران خان چيو ته زندگي مقابلي جو نالو آهي، هن چيو ته شڪست کان نه هارائڻ وارو ئي چيئمپين هوندو آهي ڇو ته هو پن??نجي شڪست جي سببن کي سامهون رکي ٻيڻي محنت ڪندو آهي.