ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان سمورن شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ جي عزم جو اظهار ڪندي هڪ ٻي جي قومي معاملن تي گڏيل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان سان آذربائيجان جي صدر ال??ام عليوف ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس 2020ع ج?? موقعي تي ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ حمايت تي ٻڌل ٻه طرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.