اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جون جي آخري هفتي ۾ معمول کان وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي تي فوري قدمن جي هدايت ڪندي لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي صوبن ۽ ضلعي انتظاميا کي الرٽ ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي آهي. پي ايم آفيس ميڊيا ونگ پاران جار?? بيان موجب وزيرا??ظم هدايت ڪ??ي ته موسميات کاتي جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي ??ڳواٽ انت??ام ڪيا وڃن. وزيرا??ظم چيو ته نشيبي علائقن ۽ وڌيڪ برساتن جي لپيٽ ۾ ايندڙ علائقن ۾ هينئر کان ئي انت??ام يقيني بڻايا وڃن. سندس چوڻ هو ته اڳواٽ حفاظتي انتظامن ۽ امدادي ??از و سامان جي دستيابي جي لاءِ وقت سر قدم کنيا وڃن. هن وفاق ۽ صوبن جي حصيداري سان ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي. وزيرا??ظم زرعي علائقن ۾ فصلن، چوپائي مال جي حفاظت ۽ نقصانن کان بچڻ جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته خطري جي لپيٽ ۾ ايندڙ علائقن جي رهواسين کي وقت سر خبردار ڪيو وڃي، محفوظ جاين تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي، پاڻي جي نيڪالي، نالن ۽ پاڻي گذرگاهن جي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اسپري جا انت??ام ڪيا وڃن.