استنبول – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اردن جي شاهه عبدالله ٻه ابن الحسين آمريڪا پاران يروشلم کي اسرائيل جي گادي وارو شهر تسليم ڪ??ڻ ۽ سفارتخاني کي يروشلم منتقل ڪرڻ جي فيصلي جي اثرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هنن ان ڳالهه جو اظهار او آءِ سي غيرمعمولي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات دوران ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهو فيصل?? گڏيل قومن جي سلامتي ڪائ??نس?? ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قراردادن جي خلاف آهي.