ڪراچي – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سين??ٽر پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان نادرشاهي سياست ڪري ٿو. ناليواري قوال امجد صابري م??حوم جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي سين??ٽر پرويز رشيد چيو ته سپريم ڪورٽ عمران خان سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ??ري ??ڏيا آهن، وزيراعظم عدالتي نوٽيس جي آجيان ڪئي آهي، اسان عدالت وينداسين ته جيئن عمران خان جو ڪوڙ بي نقاب ٿي سگهي. سين??ٽر پرويز رشيد چيو ته ماضي ۾ رستن تي ٿيندڙ فيصلا ملڪ کي نقصان پهچائيندا رهيا آهن.