اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آه?? ته پرڏيهي ميڊيا کي خيبرپختونخوا ۾ گمراهه ڪندڙ بريفنگ ڏني پئي وڃي، پي ٽي آءِ ملڪي سالميت خلاف آه?? ان جو ڪو به احتجاج پرامن نه ٿيو، احتجاج ۽ ڌرڻن کانسواءِ انهن جو ڪو به ڪم ناهي، ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ٽولي هميشه رياست ۽ عوام کي نقصان پهچايو، هي لاشن جي سياست ڪرڻ چاهين ٿا. ميڊ??ا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا جي ??زيراعليٰ علي امين گنڊا پور جا الزام ڪوڙا ۽ جهيڙي تي ٻڌل آه??، پرڏيهي ميڊيا کي خيبرپختونخوا ۾ گمراهه ڪندڙ بريفنگ ڏني پئي وڃي، ان حوالي سان حقيقتون عوام جي علم ۾ هجڻ گهرجن. هن چيو ته ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ٽولي جي شرپسندي ۽ ملڪ دشمني کلي سڀني سامهون اچڻ گهرجي، ڦڙڪيون هڻندڙ، ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ الزام لڳائڻ جو سلسلو اڄ کان ناهي، ان جي ??يڊر جو به اهو ئي ڪم رهيو آه??. 2014ع ۾ هن پي ٽي وي تي حملو ڪيو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن کي نشانو بڻايو، پارليامينٽ جو دروازو ٽوڙيو، وفاقي وزير چيو ته هي ما??هن کي تشدد تي ڀڙڪائي پاڻ ڀڄي ويندا آه??. وفاقي وزير چيو ته علي امين گنڊاپور ڪالهه وري چيو آه?? ته هاڻي ايندڙ احتجاج جو سڏ پرامن نه هوندو، سوال هي آه?? ته اوهان جو ان کان اڳ ڪهڙو احتجاجي سڏ پرامن هو؟ احتجاج ۽ ڌرڻن کانسواءِ انهن جو ڪو به ڪم ناهي. 26 نومبر تي ڏڦيڙ جي ڪال ڏئي اوهان ڪاهه ڪئي ۽ لاش ڪيرائڻ جو ارادو ڪيو هو، هن چيو ته پهرين 12 سئو لاشن جو ڪوڙو بيانيو ، پوءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي ڪوڙيون تصويرون سوشل ميڊيا تي پکيڙيون ويون، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ڪارڪنن جو پاڪستان مخالف ما??هن سان رابطو آه??، ڀارتي فوج جي ??ڪ ميجر ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي ??ڪ ئي ايجنڊا آه??، ٻئي پاڪستان جي ??ٿياربند فوج خلاف آه??. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ هميشه ملڪي سالميت لاءِ خلاف رهي آه??، هن ڪڏهن به پرامن احتجاج جو سڏ نه ڏنو. جيڪڏهن اهي پرامن هجن ها ته ڪلاشنڪوفون، اسٽين گنز، گرنيڊ، ڳوڙها آڻيندڙ شيلز ۽ غليلن سان اسلام آباد تي ڪاهه نه ڪن ها. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به پي ٽي آءِ کي احتجاج جي اجازت نه ڏني هئي، تحريڪ انصاف جي ??نهنجي ئي ورڪرن پٿراءُ ڪيو، علي امين گنڊاپور جي گارڊن جي ??ائرنگ جا ثبوت دنيا ڏسي چڪي آه??، ما??هو اوهان کي گاريون ڏنيون، بوتلون اڇلايون، بشريٰ بي بي اوهان جي گاڏي تي پٿراءُ ڪرايو، اهو گاڏي اندران هدايتون ڏئي رهي هئي ته ڊي چوڪ وڃڻو آه??، بيلاروس جي صدر جي دوري کي نقصان پهچائڻو آه??، پارليامينٽ جي عمارت تي حملو ڪرڻو آه??، بشريٰ بي بي ما??هن کي چيو ته علي امين گنڊاپور کي ڊي چوڪ وڃڻ تي ڀڙڪايو، اتي بشريٰ بي بي پٿراءُ ڪرايو، علي امين گنڊاپور کي گاريون به ڏياريون، ان مان ظاهر ٿيئ ٿو ته هو ڪهڙي قسم جي سياست ۾ ملوث آه??. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي پنهنجي ڪارڪنن کي ڊي چوڪ تي اڪليو ڇڏي ڇو ڀڄي ويا؟ هن چيو ته جيڪا ڊوڙ لڳائي هاڻي ان کان لڪڻ لاءِ بهانا ڪيا ويا پيا وڃن، هي سياسي، اخلاقي ۽ انتظامي طور ناڪام ٿي چڪا آه??، صوبي جا معاملا انهن کان سنڀالي نٿا سگهجن، جڏهن سندن ورڪرن ملتان ۾ ڀاڄ دوران مري ويا هئا ته پي ٽي آءِ جو باني پوءِ به تقرير ڪري رهيو هو، تڏهن اوهان کي خيال نه آيو، هاڻي لاشن ۽ ڪوڙ جي سياست جو سهارو وٺي رهيا آه??و، وفاقي وزير چيو ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو قوم ڪڏهن به نه وساريندي، 9 مئي جي جوابدارن کي قانون جو منهن ڏسڻو پوندو. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ وارا ادارن خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري رهيا آه??. اسان جي ??وج دنيا جي بهترين فوج آه??، پوري دنيا جي ڪيڊٽس هتي ٽريننگ لاءِ ايندا آه??. پي ٽي آءِ هٿياربند فوج کي سياست ۾ گهلڻ چاهي ٿي. هن چيو ته جڏهن هنن فوجي ??راڊڪٽس جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آه??، عسڪريت بئنڪ ۽ فوجي ??وڊز جا شيئرز به مٿي هليا ويا آه??، جيڪڏهن فوجي ??راڊڪٽس جو بائيڪاٽ ڪرڻو هو ته سڀ کان پهرين پي ٽي آءِ جو باني ڪري ها. ڪوڙ ، منافقت جي سياست اوهان کي سونهي نٿي. وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو آه?? ته 26 مئي جي حملن ۾ ملوث ما??هن جو فوجي ??رائيل جاري رهندو. هن چيو ته سادي منطق آه?? ته جيڪڏهن پاڪستان ريلوي ۾ ڪنهن ڏوهه ڪيو آه?? ته ريلوي پوليس ان خلاف ڪارروائي ڪندي، جيڪڏهن ڪنهن ايئرپورٽ تي ڏوهه ڪيو آه?? ته ايئرپورٽ سيڪيورٽي فروس ان خلاف ڪارروائي ڪندي، اهڙي طرح جيڪڏهن پاڪ فوج جي ??ڪاڻن تي حملو ڪيو ته ان لاءِ فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايو ويندو. هن چيو ته ڪنهن به اداري جي حد ۾ ڪو ڏوهه ٿيندو ته هو پنهنجي ??انون موجب ان کي ڏسندا، هر اداري جا قانون ۽ ضابطا آه??. وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف قوم جي ??ارن کي ڀڙڪايو، هي ملڪ دشمن ڌرين جي ??نڊنگ سان فوج خلاف ڊجيٽل ميڊيا مهم هلائي رهيا آه?? ۽ هر قسم جي آرٽيفيشل انٽيليجنس جا ذريعا استعمال ڪري رهيا آه??. اهڙين ڌرين خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته اهي ما??هن کي استعمال ڪندا آه?? ۽ پاڻ موقعي تان ڀڄي ويندا آه?? ۽ ما??هن کي جيلن ۾ سڙڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي ويندا آه??، 9 مئي تي به انهن جي ??يڊرشپ ڀڄي وئي هئي، والدين پنهنجي ??ارن کي سمجهائين ته انهن جي ڏٽن ۾ نه اچن، هنن ما??هن کي 9 مئي ۽ 26 نومبر تي استعمال ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ سپهه سالار موجود آه?? جيڪو ملڪ لاءِ نيڪ نيتي رکي ٿو ۽ چاهي ٿو ته ملڪ ترقي ڪري. هو فوج کي پروفيشنل فورس طور وڌيڪ فعال ڪري رهيو آه??، هن چيو ته تحريڪ انتشار ملڪ کي مضبوط ٿيندي ڏسڻ نٿي چاهي، هي ملڪ کي بدنام ڪن ٿا ته هتي ڪريڪ ڊائون هجي. جڏهن اوهان ڏوهه ڪندا ته ڪريڪ ڊائون ٿيندو، اوهان قتل ڪندا يا ڦر ڪندا ته ان جي سزا آه??، اوهان ايترا لاڏلا آه??و جو اوهان کي ڇڏيو وڃي؟ هن چيو ته پوليس ۽ رينجرز جا جوان شهيد ٿيا، انهن جو رت ڪنهن جي ??ٿن ۾ ڳوليون، ڇا اوهان ما??هن فائرنگ نه ڪئي؟ ڇا اوهان انهن تي گاڏيون نه چاڙهيون؟ هاڻ پنهنجي ??اڪام لڪائڻ لاءِ عالمي ميڊيا کي آڻي رهيا آه?? ۽ ڪوڙ ڳالهائي رهيا آه?? ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو. جيڪڏهن اوهان سچا هجو ها ته اوهان کي لاشن جي ڪوڙي ڪهاڻي نه گهڙڻي پوي ها. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن وٽ لائيو ايمونيشن نه هو، ڊائريڪٽ فائرنگ نه ڪنهن به نه ڪئي جڏهن ته علي امين گنڊاپور جي گارڊن فائرنگ ڪئي. وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان ڪالهه هتي ڪوڙي خبر شايع ڪئي وئي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته 150 صحافين سان گرفتاري وارا وارنٽ جاري ڪيا ويا آه??، هن چيو ته صرف 3 کان 4 صحافي اهڙا آه?? جن تي ڪيسز آه??، باقي پي ٽي آءِ جا سياسي ڪارڪن هئا جن ما??هن کي تشدد تي ڀڙڪايو. هن چيو ته ان خبر جي ترديد ڪريون ٿا، هن ميڊيا تي ذميواراڻي صحافت جي ضرورت تي زور ڀريو.