اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام وچ ۾ ويڇي کي ختم ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۾ انفارميشن گروپ جي ??فيسرن جو ڪردار اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان انفارميشن گروپ جي 51 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي پروبيشنري آفيسرن وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پروبيشنري آفيسر پنهنجي ٽريننگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وزارت جي مختلف ادارن ۾ مقرري جا منتظر آهن. سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ ۽ سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان به ملاقات ۾ موجود هئي. وزيراعظم، سمورن آفيسرن جو والهاڻو اسقبال ڪيو. ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ عوام وچ ۾ ويڇي کي ختم ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۾ انفارميشن گروپ جي ??فيسرن جو ڪردار اهم آهي، وزيراعظم حاضر دور جي ??يزي سان تبديل ٿيندڙ ميڊيا جي منظرنامي ۾ اثرائتي ڄاڻ جي ??هميت تي زور ڀريو. هن آفيسرن جي ??وصلا افزائي ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سمورا آفيسر پنهنجي ??ميوارين کي ديانتداري، پيشيوراڻي مهارت ۽ عوامي ڀلائي لاءِ مضبوط عزم سان ادا ڪندا. آفيسرن ملڪ جي ??رقي ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بهتري ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جي ??زم جو اظهار ڪيو. پروبيشنري آفيسرن سان ڳالهين دوران وزيراعظم قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ ۽ شهرين کي اهم حڪومتي قدمن جي ??اري ۾ تعليم ڏيڻ ۾ اسٽيٽ ميڊيا ۽ انفارميشن گروپ جي ??هميت تي زور ڀريو. هن پروبيشنري آفيسرن جي ??وصلا افزائي ڪئي ته هو جمهوري عمل ۾ عوام جي ??موليت کي وڌائڻ لاءِ ج??يد مواصلاتي اوزارن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ سرگرم رهن.