اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) سيفران، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان پاڪستان ۾ ڊئنمارڪ جي سفير جيڪب لينولف ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان مطابق ملاقات دوران افغان پناهگيرن جي ڀلائي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌائ?? جي موقعن سميت ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پاڪستان ۾ يو اين ايڇ سي آر جي نمائندا فلپا ڪينڊلر پڻ ساڻس گڏ هئا. اجلاس ۾ سيفران واري سيڪريٽري ظفر حسن ۽ جوائنٽ سيڪريٽري آغا وسيم به شرڪت ڪئي. ٻنهي ڌُرين ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ اعليٰ سطح جي رابطن کي وڌائڻ ۽ سهڪار جون نيون راهون ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار جا نمايان امڪان موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڊئنمارڪ افغان پناهگيرن لاءِ تعليم، صحت جي سارسنڀال ۽ پيشيوراڻي تربيت کي بهتر بنائڻ لاءِ گڏيل پروگرام ڳولي سگهي ٿو. هن چيو ته اسان پناهگيرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڊئنمارڪ جي شراڪتداري ۽ سهڪار کي دلي جي گهرائين سان ساراهيون ٿا ۽ مان اميد ڪريان ٿو ته اسان گڏجي افغان پناهگيرن جي صورتحال جي نظام ۽ حل لاءِ اثرائتو حل ڪڍي سگهون ٿا. وفاقي وزير ملڪ ۾ افغان پناهگيرن جي ميزباني جي سلسلي ۾ پاڪستان کي درپيش مالياتي چئلينجز تي روشني وڌي ۽ـ عالمي برادريءَ جي حمايت جو پڻ ذڪر ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي توجهه ان طرف گهٽ ٿي رهي آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ مسلسل يڪجهتي ضروري آهي. ان موقعي تي ڊئنمارڪ جي سفير افغان مهاجرن جي پروف آف رجسٽريشن ڪارڊز جي مُدي ?? واڌ جي پاڪستان جي تازي فيصلي کي ساراهيو. هن انساني همدردي جي ڪوششن جو اعتراف ڪندي لکين افغان پناهگيرن جي ميزبانيءَ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي به ساراهيو.