اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل ج?? 23هين اجلاس جي ڪوريج لاءِ آيل پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن ايس سي او ميڊيا فيسليٽيشن سينٽر ۾ صحافين لاءِ ڪيل انتظامن کي ساراهيو. ميڊيا جي نمائندن نالو ظاهر نه ڪرڻ تي چيو ته پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ايس سي او جي ميمبر مل??ن جي مختلف نيوز چينلز جي لائيو نيوز ڪوريج فراهم ڪندڙ موضوعاتي ترتيب، ڊجيٽل لائبريري، تيز رفتار انٽرنيٽ جي سهولت، ڪمپيوٽر ۽ پرنٽنگ جي سهولتن سميت يقني بڻائڻ لاءِ سٺي نموني منصوبه بندي ۽ ڪوريج جا انتظام ڪيا ويا هئا. هڪ پرڏيهي ميڊيا ليکڪ چيو ته ايس ايم ڊيز ۽ ڊجيٽل ميڊيا اسڪرينون ميمبر مل??ن جي بينرن کي سندن قومي يادگارن سان گڏ پيش ڪيو جن ميزبان مل?? طرفان يڪجهتي جي گرمجوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته مختلف ميمبر مل??ن جي ٽائم زونز سان لڳل گهڙيال به پرڏيهي صحافين کي موقعي تي ٽائيم زون جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هڪ دلڪش نظارو هو. هڪ ٻئي صحافي تبصرو ڪيو ته اسٽوڊيو ۽ پوڊ ڪاسٽ ڪيبن هڪ بهترين سهولت هئي ڇو ته ان مان ڪيترن ئي ماڻهن ايس سي او اپ ڊيٽس ري پوڊ ڪاسٽ ۽ لائيو انٽرويوز رڪارڊ ڪيا. پرڏيهي صحافين افتتاحي ڏينهن ميوزيڪل نائيٽ کي خوب ساراهيو. شرڪت ڪندڙن کي فنگر فوڊ ۽ ريفريشمينٽ فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ رننگ ڪيفي ٽيريا به قائم ڪيو ويو جنهن ما?? مقامي ۽ عالمي صحافين فائدو کنيو.