اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم ان??ر ابراهيم چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطينين جي حق ۾ ڀرپور آواز اٿاريو، پاڪستان ۽ ملائيشيا معدنيات، خوراڪ، زراعت، ت??ان??ئي ۽ آءِ ٽي سميت ٻين شعبن ۾ هڪ ٻئي جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا. پي ٽي وي کي هڪ انٽرويو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ ترقي جي حوالي سان بي پناهه موقعا آهن، 70ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي تعليم، تحقيق ۽ سائنس جي شعبي ۾ صلاحيتون غيرمعمولي هيون، اسان پاڪستان کي معاشي صلاحيت ۽ تعليمي شعبي ۾ رول ماڊل جي طور تي ڏسندا آيا آهيون. هن چيو ته علامه اقبال جو تمام گهڻو مداح آهيان، قائداعظم محمد علي جناح مدبر اڳواڻ هو، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ معدنيات، خوراڪ، زراعت ۽ ت??ان??ئي جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا، بدعنواني کان پاڪ ۽ سازگار ماحول سان ڪاروبار کي فروغ ملي ٿو. هن چيو ته ملائيشيا آءِ ٽي، ڊيجيٽل ۽ سيمي ڪنڊڪٽرز ۾ خطي ۾ سڀ کان اڳتي آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطينين جي حق ۾ ڀرپور آواز اٿاريو، سندس ٺوس موقف کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سميت جتي به انساني حقن جي پائمالي ٿئي ٿي ان جي مذمت ڪريون ٿا، دنيا کي اقليتن کي انهن جي حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته آ??يا?? دنيا جو پرامن خطو آهي، آ??يا?? جو ڊائيلاگ پارٽنر بڻجڻ جي لاءِ ملائيشيا پاڪستان جي حمايت ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪم جو جذبو رکي ٿو، اسان گڏجي پنهنجي عوام جي گڏيل مفاد ۾ هڪ ٻئي کان فائدو کڻي سگهون ٿا، ملائيشيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پاڪستاني پروفيشنلز جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.