ماسڪو _ 3 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته روس سان ٻه طرفي ڪاروباري شراڪت داري ۽ ٻين وڌيڪ منصوبن ۾ گڏيل سهڪار جا خواهشمند آهيون . پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن . انهن خيالن جو اظهار هن روس جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ سان مل??قا?? دوران ڪيو. وزارت جي جاري بيان م??ابق مل??قا?? جي موقعي تي روس ۾ پاڪستان جو سفير خالد جمالي ۽ ٻيون سينيئر اختياريون پڻ وفاقي وزير سان گڏ هيون. مل??قا?? ۾ روس جو ٽرانسپورٽ وارو وزير رومان اسٽار اووت ۽ صنعت ۽ واپار وارو نائب وزير اليڪسي گروز دوف پڻ شامل هو. وفاقي وزير عبدالعليم خان روس جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوور چڪ سان ٿيل مل??قا?? ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. جنهن ۾ تاپي گيس رٿا، ٻه طرفو واپار، مواصلات جي ذريعن ۽ پاڪستان، ايران، آذربائيجان ۽ روس تائين ڄاڻايل واپاري راهداري ۽ ريلوي ٽريڪ جي تعمير تي پڻ ڳالهيون ٿيون. روس جي نائب وزيراعظم ۽ وفاقي وزير مواصلات جي شعبي ۾ سهڪار تي پڻ ڳالهيون ڪيون. مل??قا?? ۾ پاڪستان ۽ روس وچ ۾ واپاري، معاشي ۽ ٻه طرفي سهڪار جي مختلف ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ نومبر 2022ع ۾ ٿيل انٽر نيشنل روڊ ٽرانسپورٽ معاهدي تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته روس سان ٻه طرفي ڪاروباري شراڪت ۽ ٻين وڌيڪ منصوبن ۾ گڏيل سهڪار جا خواهشمند آهيون. ماسڪو جيواپاري برادري سان ڳالهيون پڻ فائديمند رهيون. هن چيو ته واپار جي حوالي سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن جن م??ن فادو کڻڻ جي ضرورت آهي . هن وڌي?? چيو ته ماسڪو ۾ پهرين پاڪ – روس بزنس اينڊ انويسٽمينٽ فورم منعقد ڪرڻ سان م??بت نتيجا نڪرندا.