لاهور-25 سيپٽمبر (اي پي پي) آمر??ڪي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ قونصل جنرل لاهور مس ماڪرسٽين ۽ وفد جي ٻين ميمبرن داتا درٻار تي حاضري ڏني. اوقاف ۽ م??هبي کاتي مطابق ??ذهبي معاملن واري ڊائريڪٽر جنرل خالد محمود سنڌو سندن داتا درٻار پهچڻ تي استقبال ڪيو. ايڊمنسٽريٽر داتا درٻار ۽ عملو ان موقعي تي موجود هئا. آمر??ڪي سفير ۽ قونصل جنرل طرفان درٻار شريف تي عقيدت جا گل نڇاور ڪيا ويا، آمر??ڪي سفير ۽ ان جي ٽيم درٻار شريف جي ترقياتي ڪمن بابت خصوصي دلچسپي ظاهر ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل وفد کي درٻار شريف تي ٿيل ترقياتي ڪمن ۽ حضرت داتا گنج بخش جي زندگي بابت بريف ڪيو. آخر ۾ ڊائريڪٽر جنرل آمر??ڪي سفير کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي ۽ مهمانن کي ڪتابن جا ت??فا ڏنا.