نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ معياري تع??يم جي فروغ ??ي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته اسڪول کان ٻاهر اڍائي ڪروڙ ٻارن کي تع??يم جي زيور سان ليس ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج آ??ي، موسمياتي تبديلي جا اثر ۽ دهشتگردي جي ڪري اسان کي وڏو مالي ۽ جاني نقصان کڻڻو پيو، پاڪستان جهڙن ملڪن ??ي اهڙي صورتحال ۾ اڌار ۽ قرض وٺڻو پوي ٿو، جيڪو ان جي لاءِ موت جي ڦاهي جي برابر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ پائيدار ترقي جي هدفن تي ايس ڊي جيز موومينٽ جي موضوع تي مباحثي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته ملڪ ۾ تع??يم جي فروغ لاءِ پرعزم آهيون، پنجاب ۾ پنهنجي 10 سالا حڪومت جي دوران تعليمي شعبي ۾ وڏي تبديلي آندي. هن چي?? ته پنجاب ۾ تع??يم جي فروغ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ۽ معاشري جي پٺتي پيل طبقن کي بااختيار بڻايو، جيڪي پنهنجي ٻارن کي تع??يم نه ڏياري سگهندا هئا، پنجاب انڊومنٽ اسڪيم ۽ وائوچر اسڪيم جي ذريعي ٻارن ۽ ٻارڙين ??ي انهن جي علائقن ۾ اسڪولن ۾ داخلا ڏني وئي، پنجاب انڊومنٽ مان بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ لکين مستحق شاگرد فائديمند بڻيا. هي ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو انڊومنٽ فنڊ آ??ي، جنهن ۾ ملڪ ۾ ۽ ٻاهرئين ملڪ تع??يم جي لاءِ باصلاحيت ۽ مستحق ٻارن کي وظيفا ڏنا وڃن ٿا. هن چي?? ته سڄي صوبي ۾ دانش اسڪول قائم ڪيا ويا، جن ۾ غريب ۽ يتيم باصلاحيت نوجوانن کي تع??يم ڏني وڃي ٿي، انهن اسڪولن ۾ جديد سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، هتي شاگردن کي ووڪيشنل ٽريننگ ڏني وڃي ٿي، اهي شاگرد ڊاڪٽر، انجنيئر سميت مختلف شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيا آهن. برطانيا جي ڊيفڊ ۽ پنجاب جي وچ ۾ تعاون سان اسڪلز ڊيولپمينٽ پروگرام شروع ڪيا ويا. وزيراعظم چي?? ته اسان جي شاگردن تي سيڙپڪاري مستقبل تي سيڙپڪاري آهي. اسان ڪمپنين ??ي ادائيگيون ڪري شاگردن کي تربيت ڏياريندا آهيون ان ۾ ڪا به ڪرپشن نه آ??ي، اهو گيم چينجر آ??ي، جيتوڻيڪ اڍائي ڪروڙ ٻارن جو اسڪولن کان ٻاهر هجڻ وڏو چئلينج آهي. هن چي?? ته پاڪستان جهڙا اسرندڙ ملڪ تع??يم سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪن ٿا. 2022ع ۾ پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي، پاڪستان موسمياتي تبديلي جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آ??ي، ان ۾ اسان جو ڪو به ڏوهه نه آ??ي، ڇ?? ته ان ۾ اسان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. هن چي?? ته زهريلي گئسن جو سڀ کان وڌيڪ اخراج ڪندڙ ملڪ ان جا ذميوار آهن، عدم توازن، ناانصافي ۽ غيرمنصفاڻي نظام سان اهو مسئلو حل نٿو ٿي سگهي. هن چي?? ته اسان کي نائن اليون کانپوءِ دهشتگردي درپيش آ??ي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 88 هزار پاڪستاني شهيد ٿيا، اسان ان ناسور کي شڪست ??ني، اسان ??ي ان سان اربين ڊالر جو نقصان ٿيو، اسان ??ي ان شيطاني سرڪل مان نڪرڻ جي لاءِ اڌار ۽ قرض وٺڻو پوي ٿو، اهو موت جو ڦندو آهي ۽ اسان ان مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي.