اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوابشاهه جي ريلوي اسٽيشن ويجهو ريلوي ڦاٽڪ تي پنهنجي سِر جي بازي لڳائي شاليمار ايڪسپريس کي وڏي حادثي کان بچائيندڙ گيٽ ڪيپر مدد علي جمالي کي خراج تحسين پ??ش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته مدد علي پنهنجي زندگيءَ جي پرواهه نه ??ند?? سوين ماڻهن جون زندگيون بچايون، مدد علي پنهنجي ذميوارين کي سچي نيت سان نڀايو. هن چيو ته اسان سڀني کي مدد علي جمالي جي بي لوث جذبي مان ??کڻ جي ضرورت آهي، پوري قوم کي توهان تي فخر آهي.