ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي ڪراچي ۾ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح رح جي مزار تي گارڊن جي تبديلي جي ??ان??ار تقريب من??قد ٿي. هن ڀيري پاڪستان ايئرفورس اڪيڊمي اصغر خان جي ھڪ چست جٿي قائد اعظم جي مزار تي گارڊن جون ذميواريون سنڀاليون. ان موقعي تي ايئر آفيسر ڪمانڊنگ، ائير ??ائيس مارشل شھريار خان تقريب جو خاص مھمان ??و. ??اري ڪيل پڌارئي مطابق ايئر وائيس مارشل شھريار خان پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ باب??ءِ قوم جي مزار تي گل رکيا ۽ دعا ڪئي. قائد اعظم محمد علي جناح رح جي مزار تي پاڪستان ايئر فورس جا 74 ڪيڊٽس پيشيوراڻين ذميوارين ل??ءِ مقرر ٿيا، جن ۾ 61 مرد ۽ 13 عورت ڪيڊٽس شامل آھن.