اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خيبر جي علائقي تيراهه ۾ فتنه الخوا??ج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ سندس چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪامياب آپري??ن ڪري فتنه الخوا??ج جي 25 دهشتگردن کي ماريو. آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ 4 سپاهين جي قرباني کي سلام پيش ڪريون ٿا. ڪامياب آپريشن دوران فتنه الخوا??ج جي دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو ويو. سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري فتنه الخوا??ج جي دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻايو.