رحي?? يار خان-23 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وزير محسن نقوي رحي?? يار خان ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن کي تمغه شجاعت ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حملي آورن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچاي?? ويندو. گهرو وزير شيخ زيد اسپتال رحي?? يار خان ۾ ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ زخمي پوليس اهلڪارن جي عيادت ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي سمورن پوليس اهلڪارن وٽ ويو ۽ کائن طبيعت پڇي. گهرو وزير محسن نقوي زخم?? اهلڪارن جي بلند حوصلن کي ساراهيو. هن اسپتال انتظاميه کي زخمين جي بهترين علاج جي حوالي سان پڻ هدايتون ڏنيون. ڪالهه گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته اوهان جي عزم ۽ حوصلي کي ساراهيان ٿو، اوهان پنجاب پوليس جا بهادر نوجوان آهيو. محسن نقوي چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن کي تمغه شجاعت ڏن?? ويندو ان سلسلي ۾ اسان سفارش ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته جن اهو حملو ڪيو آهي انهن جو عبرتناڪ انجام ڏيندو، هي پاڪستان لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي. وفاقي حڪومت سموري مدد فراهم ڪري رهي آهي ۽ آئنده به ڪندي رهندي، رينجرز به موجود آهي. ڊي جي رينجرز پنجاب، انسپيڪٽر جنرل پوليس پنجاب، گهرو سيڪريٽري پنجاب، اعليٰ ۽ سول عسڪري عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.