اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان گڏيل دلچسپ?? جي سمورن شعبن ۾ دوست ملڪن سان واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ويتنام، مالديپ ۽ آئرلين?? جي سفيرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ کيس سفارتي س??دو?? پيش ڪيون. سفيرن صدر سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. صدر سفيرن ک?? پاڪستان ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان ٻطرفو واپاري ماپو وڌائڻ تي ??يان ڏئي رهيو آهي. آصف علي زرداري ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان سان گڏيل فائديمند تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، سيڙپڪارن کي زراعت، توانائي، انفراسٽرڪچر، مينوفيڪچرنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ گرين ٽيڪنالاج?? جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ سفيرن کي ايوان صدر پهچڻ ت?? پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي ??ارڊ آف آنر پيش ڪيو.