اسلام آباد ??? 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وانگ فوڪانگ جي سربراهي ۾ چين جي 12 رڪني اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن سيد محسن نقوي، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، خاص معاون طارق فاطمي، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل سان گڏوگڏ چيني سفير جيانگ زائيڊونگ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب چيني وفد وزيراعظم جي چين جي دوري کانپوءِ چين جي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ ت??اون ۽ حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. 12 رڪني چيني وفد ۾ 10 مختلف وزارتن جا نمائندا شريڪ آهن. وزيراعظم چيني قيادت، صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ جا خصوصي ٿورا مڃيندي چيني وفد جي آجيان ڪئي. چيني ماهرن جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان حصيداري ۽ تعاون ۽ پاڪستان جي روانگي واپار جي فروغ تي پنهنجي راءِ پيش ڪندو. چيني وفد پاڪستان ۾ مختلف وزارتن، شعبي جي ماهرن سان ملاقاتون ۽ مختلف جاين جو دورو ڪندو. چيني وفد انفارميش?? ٽيڪنالاجي، زراعت، صنعت، سيڙپڪاري، توانائي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، خصوصي اقتصادي زونز ۽ مو??صلات جي شعبن ۾ ت??اون جي فروغ تي تجويزون ڏيندو. وزيراعظم پنهنجي شروعاتي ڳالهه ٻولهه ۾ وف?? کي پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي صلاحيت جي حوالي سان آگاهه ڪيو. چيني وفد جي سربراهه چيو ته گڏيل فني تعاون سان پاڪ – چين اسٽريٽجڪ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، مثالي مهمان نوازي تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون.