اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي خوراڪ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال لاءِ ماهرن ۽ اسٽيڪ هولڊرز تي ٻڌل هڪ ٽاسڪ فورس جي قيام جي رضامندي ظاهر ڪئ?? آهي ??ه جيئن فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي. هن ان ??اضپي جو اظهار پاڪستان ??ي زراعت جي تبديلي: چئلينجز وچ ۾ پائيدار ترقي ۽ جديد زرعي ٽيڪنالاجيز جي ڪردار جي موضوع تي منعقد گول ميز ڪانفرنس ۾ ڪيو، جنهن جو اهتمام پائيدار ترقي بابت پاليسي اداري (ايس ڊي پي آءِ) ۽ فيڊريشن آف ايوان ??نعت ۽ واپار (ايف پي سي سي آءِ) گڏيل طور تي ڪيو هو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته زراعت جو شعبو ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿو ۽ ان ??عبي جي ترقي ۽ پيداوار ۾ اضافي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جدتن جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ايس ڊي پي آءِ ۽ ايف پي سي سي آءِ کي چيو ته هو آبادگارن جي تربيت ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ قومي خوراڪ ۽ تحقيق واري وزارت کي پاليسي تجويزون ڏين. هن وڌيڪ چيو ته پيداوار ۾ اضافي ۽ زراعت جي شعبي کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ م??هرن ۽ مقامي آبادگارن وچ ۾ فاصلي کي گهٽ ڪرڻ ضرور?? آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم زراعت کي پنهنجي اولين ترجيح?? ۾ ??امل ڪيو آهي ۽ حڪومت نوجوانن کي جديد زرعي ٽيڪنالاجيز جي تربيت لاءِ چين موڪلڻ ۽ فنڊ فراهم ڪري ره?? آهي.