لاهور -04 آگ??ٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، جنهن هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي، چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جهڙي قومي نوعيت جي ترقياتي منصوبن تي سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي سياست کان مٿانهون ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم ميڊيا آفيس جي پريس ونگ پاران جاري ??يان مطابق انهن خيالن جو اظهار هن صحافين جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. چين جي سرڪاري ??داري چائنا پبلڪ ڊپلوميسي ايسوسيئيشن جي دعوت تي چين جي سرڪاري ??وري ??ان واپس آيل صحافين جي 7 رڪني وفد گذريل ڏينهن لاهور ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي هاڻوڪي چين جي دوري ۾ چيني قيادت ۽ چيني عوام طرفان مثالي مهمان نوازي تي انهن جو ٿورائتو آهيان، چين جي هاڻوڪي دوري کان پوءِ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي اڳڀرائي جي پاڻ نگراني ڪري ??هيو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ۾ چين جي رهواسين جي سيڪيورٽي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته چين جهڙي پراڻي دوست سان لاڳاپن تي سياست جي ڪنهن به قسم جي گنجائش ناهي، سي پيڪ جي ٻي مرحلي تي تيزي سان عملدرآمد جاري ??هي. هن چيو ته چيني ماهرن جي پاڪستان جي هاڻوڪي دوري ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. ملاقات ۾ سڌسماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ به موجود هو. صحافين جي وفد ۾ دنيا نيوز جو سلمان غني، عامر مير، هم نيوز جو شيراز حسن، روزنامه جنگ جو خضر حيات، ڊان نيوز جو خالد حسنين، جيو نيوز جو اعظم ملڪ ۽ پاڪستان ٽيليويزن جو مطيع الرحمان شامل هئا. وفد جي ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي چين جي هاڻوڪي دوري ??وران تجربن ۽ پاڪ چين لاڳاپن جي حوالي سان پنهنجي خيالن کان آگ??هه ڪيو. وفد پنهنجي چين جي دوري ??وران ٿيل ملاقاتن جي بنياد تي وزيراعظم کي آگ??هه ڪيو ته چين پاڪستان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم کي چيني قيادت ۽ چيني عوام جي پاڪستان حڪومت بابت تاثرن کان به آگ??هه ڪندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري ??اص طو?? چين پاڪستان اقتصادي راهداري ??ي ڪم جي موجوده رفتار ۽ منصوبن جي مڪمل ٿيڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومتي قدمن تي اطمينان جو تاثر ڏٺو پيو وڃي. چيني عهديدارن شهباز اسپيڊ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم جي سڌارن وارن قدمن جي به تعريف ڪئي. وفد ۾ شامل ٿيندڙن ٻڌايو ته سندن هاڻوڪي دوري ??وران چيني عهديدارن سان ملاقات ۾ چين پاڪستان معاشي شراڪتداري ??اري ۾ عام طو?? ۽ سي پيڪ تي خاص طو?? گرم جوشي جو تاثر مليو.