آستانه – 20 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قزا??ست??ن جي شهر آس??انه پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير جو استقبال پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل نور سليم علي يرگيلم، آس??انه ۾ پاڪستان جي سفير نعمان بشير ڀٽي ۽ پاڪستان جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر (ايس سي او) سفير مرغ??ب سليم ڪيو. آس??انه ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار قزا??ست??ن جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪندو ۽ ٻطرفي تعاون جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. نائب وزيراعظم جي ڪرغز جمهوريه جي پرڏيهي وزير جين بيڪ ??لوبايف سان آس??انه ۾ پڻ ملاقات جو پڻ اهتمام ڪيو ويو آهي. ملاقات ۾ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بشڪيڪ جي تازه ترين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.