اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مون کي يقين آهي ته هاڪيءَ جي راند ٻيهر عروج حاصل ڪندي، هاڪيءَ جي راند جي بهتري ??ي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، رانديگرن کي ادارن ۾ ٻيهر شامل ڪرڻ جي پاليسي تي هڪ هفتي ۾ عملدرآمد ڪيو وڃي، پاڪستان هاڪيءَ ٽيم جا رانديگر اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ ها??ائي به کٽي ويا آهن، منهنجي خواهش آهي ته رانديگرن جي ڪارڪردگي اهڙي هجي جو ان ?? ماضي جا هيروز ڏسڻ ۾ اچن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم ها??وس ۾ اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جو فائينل کيڏندڙ قومي هاڪيءَ ٽيم جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، منصوبابندي و??ري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي و??ري مملڪتي وزير شزه فاطمه، پاڪستان هاڪيءَ فيڊريشن جي عهديدارن ۽ رانديگرن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اڄ توهان اڏو خاص مهمان بڻجي نه پر توهان پاڪستان جي نالي کي هاڪيءَ جي ميدان ?? بلند ڪرڻ جي لاءِ دنيا آڏو جيڪا شاندار ڪارڪردگي ڏيک??ري آهي ان کي ساراهڻ جي لاءِ موجود آهيان. اڄ جي تقريب جا خاص مهمان قومي هاڪيءَ ٽيم جو ڪپتان، رانديگر،فيڊريشن جا عهديدار ۽ اولمپڪس گيمز ۾ حصو وٺندڙ ٻيا رانديگر آهن. وزيراعظم چيو ته سڀني کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. پوري قوم ان ڳالهه جي گواهي ڏئي رهي آهي ته اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ اسان جي هاڪيءَ ٽيم ها??ائي نه آهي پر کٽي آهي. گذريل ڏيڍ ٻن ڏهاڪن ۾ پاڪستان ?? هاڪيءَ جي راند ڏُڪار جو شڪار رهي. سمجهه نه پئي آئي ته ڪڏهن اهو ڏينهن ايندو جڏهن پاڪستان جي عوام توهان جي ڪارڪردگي ڏسي صلاح الدين، اختر رسول ۽ ٻين ناليوارن رانديگرن کي ياد ڪندي. انهن عظيم رانديگرن ۽ هيروز پوري ??نيا ۾ پاڪستان جهنڊو بلند ڪيو. اڄ ڪنهن به حجت کانسواءِ اها ڳالهه ڪري ??گهان ٿو ته اسان جا اهي ماضي جا عظيم ڏينهن واپس اچي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته مون کي يقين آهي ته هاڪيءَ جي راند ٻيهر عروج حاصل ڪندي. منهنجي خواهش آهي ته هاڪيءَ جي رانديگرن جي ڪارڪردگي اهڙي هجي جو ماضي جا هيروز توهان ?? ڏسڻ ۾ اچن. هاڪيءَ ٽيم جي ٺوس ڪوشش اڄ رنگ لاتو آهي. وزيراعظم چيو ته ها??ائڻ کٽڻ راند جو حصو آهي پر جهڙي طريقي سان توهان مقابلو ڪيو آهي اهو مستقبل ۾ فتح جي نويد آهي. شاندار ڪارڪردگي تي هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن، انهن جي والدين، ڪوچز ۽ منتظمين کي مبارڪباد ۽ سلام پيش ڪريان ٿو. هاڪيءَ جي فروغ ۽ بحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت ڀرپور تعاون ڪ??دي. هاڪيءَ جي راند جي بهتري ??ي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. ان سلسلي ۾ فيڊريشن ۽ ٻين ڌرين سان گڏجي قدم کنيا ويندا. وزيراعظم چيو ته پي ڊي ايم جي حڪومت جي گڏيل ڪوششن سان پاڪستان ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچي ويو. گذريل حڪومت جي دور ۾ 16 مهينا اسان جي لاءِ انتهائي مشڪل هئا. انهن مشڪل حالتن ۾ اسان ملڪي معيشت کي بهتري ??رف گامزن ڪ??و. هن وقت اسان ڪرڪيٽ، هاڪيءَ ۽ ٻين راندين جي رانديگرن کي ادارن ۾ شامل ڪرڻ جي پاليسي جو اعلان ڪ??و هو. هاڻي ان کي يقيني بڻايو ويندو ته اسان جي ناليو??ري رانديگرن کي ادارن ۾ نوڪرين جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اهي راند جي ميدان ?? پوري ??رح پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي سگهن ۽ انهن کي وسيلن جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوي. وزيراعظم بين الصوبائي رابطن و??ري وفاقي وزير ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هڪ هفتي جي اندر ان پاليسي کي ج??ري ڪري ۽ عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي پاڪستان هاڪيءَ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شهباز احمد چيو ته هن تقريب ۾ اسان کي شرڪت ڪري ??مام گهڻي خوشي ٿي آهي. وزيراعظم رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. انشاءَ هي پاڪستان جي لاءِ ميڊلز کٽي ايندا. اڳوڻي اولمپيئن فلائنگ ها??س سميع الله چيو ته قومي هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن جي ڪري ??سان کي هن تقريب ۾ شرڪت جو موقعو ملي رهيو آهي. اسان جي دعا آهي ته پاڪستان ?? هاڪيءَ کي هٿي ملي. هاڪيءَ جي رانديگرن جي حوصلا افزائي اهڙي طرح ٿيڻ گهرجي ۽ رانديگرن کي به گهرجي ته اهي پنهنجي ڪارڪردگي سان ثابت ڪن ته اهي پاڪستان جي لاءِ کٽي ميڊلز آڻيندا رهن. اڳوڻي اولمپيئن صلاح الدين چيو ته هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. وزيراعظم راندين ۾ ڀرپور دلچسپي وٺي ٿو ۽ راند ۽ رانديگرن سان محبت ڪري ٿو. وزيراعظم ان شيءَ کي محسوس ڪيو ته انهن رانديگرن جي حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. هاڪيءَ اسان جي قومي راند آهي. ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن، ايٿليٽ ارشد نديم ۽ پيرس اولمپڪس جي لاءِ ڪوالفائي ڪندڙ رائيفل شوٽنگ ٽيم ۾ چيڪ ورهايا.