بنجول – 06 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار 15 هين او آءِ سي سربراهي اجلاس جي ??وق??ي تي گيمبيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي سان بنجول ۾ ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم پاڪستاني ڪميونٽي کي 15 هين او آءِ سي سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي سرگرمين کان آگاهه ڪيو. هڪ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته محمد اسحاق ڊار پاڪستاني ڪميونٽي کي سربراهه اجلاس دوران ڪشمير ۽ اسلامو فوبيا جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بنجول ۾ پ??هن??ي ملاقاتن ۽ سرگرمين بابت ٻڌايو. پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاران انهن کي ڳالهه ٻولهه جو ??وق??و فراهم ڪرڻ تي کيس ساراهيو. هنن نائب وزيراعظم کي پ??هن??ي ڪجهه مسئلن بابت ٻڌايو ۽ انهن تي غور ڪرڻ جي درخواست ڪئي. هن پاڪستان ۽ گيمبيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ب??ائڻ جي لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون. گيمبيا ۾ پاڪستان جو اعزازي قونصل جنرل ڪيبا ڪروبالي، پرڏيهي سيڪريٽري سفير س??ئر?? قاضي ۽ سينيگال ۾ پاڪستان جي سفير صائمه سيد پڻ ان ??وق??ي تي موجود هئا.