اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم جي ڪ??يٽ?? کي ع??التي س??ارن جي لاءِ آئيني ۽ قانوني ترميمن جو پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عام ماڻهو جي سهولت لاءِ سول ۽ فوجداري قانونن ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي، پاڪستان ۾ 2400 ارب رپين کان وڌيڪ جي ٽيڪس اوڳاڙين جو عدالتن ۽ ٽربيونلز جي منع نامن جي ڪري التوا ۾ هجڻ ڳڻتي جوڳو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قانوني ۽ عدالتي س??ارن جي لاءِ خصوصي ڪ??يٽ?? جو پهريون اجلاس ٿيو. ڪ??يٽ?? ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سپريم ڪورٽ بار جي صدر شهزاد شوڪت، پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي احسن ڀون، قانون واري اڳوڻي وزير زاهد حامد، سينيئر قانوندان شاهد حامد ۽ اٽارني جنرل منصور اعواڻ شامل آهن. وزيراعظم ڪ??يٽ?? کي ع??م ماڻهو جي سهولت لاءِ سول ۽ فوجداري قانونن ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ عدالتي س??ارن جي لاءِ آئيني ۽ قانوني ترميمن جو پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته خواهش آهي ته ماڻهن کي جلد ۽ آساني سان انصاف فراهم ٿي س??هي. هن ڪ??يٽ?? کي هدايت ڪئي ته ٽيڪس جي معاملن کي عوام خاص طور تي ڪاروباري طبقي جي لاءِ آسان بڻايو وڃي. وزيراعظم ڪ??يٽ?? کي ٽيڪس اوڳاڙين جي نظام کي موثر بڻائڻ جي لاءِ قانوني تجويزون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 2400 ارب رپين کان وڌيڪ جي ٽيڪس اوڳاڙين جو عدالتن ۽ ٽربيونلز جي منع نامن جي ڪري التوا ۾ هجڻ ڳڻتي جوڳو آهي. وزيراعظم ڪ??يٽ?? کي مالي ۽ ٽيڪس معاملن تي 2 هفتن ۾ عبوري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪ??يٽ?? جي فراهم ڪيل رپورٽ سياسي اتحادين سان مشاورت کانپوءِ لاڳاپيل وزارتن ڏانهن موڪلي وڃي.