اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کي ماحولياتي خطرن کان بچائڻ جي ل??ءِ پوري قوم کي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دنيا ۾ موسمياتي خطرن جو سڀ کان وڌيڪ شڪار پنجون ملڪ آهي، موسمياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ آگاهي ضروري آهي، ملڪ ۾ ٻيلن جي ايراضي 5 سيڪڙو آهي، هلندڙ سال ٻوٽا لڳائڻ جو هدف ٻيڻو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ بهار جي موسم جي ملڪ گير وڻڪاري مهم جي شروعات جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ موجود هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هن ٻوٽو لڳائي پوري ملڪ ۾ بهار جي موسم جي وڻڪاري جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، اسان ??ي گذريل حڪومت سڄي ملڪ ۾ وڻ لڳائڻ جو جيڪو هدف مقرر ڪيو هو، هلندڙ سال لڳايا ويندڙ ٻوٽن جو انگ ٻيڻو ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي مجموعي ايراضي جي لحاظ کان ٻيلن جو تناسب رڳو 5 سيڪڙو آهي، عالمي ماحولياتي رسڪ انڊيڪس رپورٽ موجب پاڪستان موسمياتي خطرن جو سڀ کان وڌيڪ شڪار دنيا ۾ پنجون ملڪ آهي. هن چيو ته 1999ع کان 2018ع دوران موسمياتي تبديلين جي ڪري 10 ??زا?? قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ اسان جي معيشت کي اربين ڊالر جو نقصان ٿيو، ان جي ل??ءِ تعليمي ادارن ۾ پڻ ان خطري کان آگاهي فراهم ڪرڻ ضروري آهي ۽ وڻڪاري مهم کي پوري ملڪ ۾ ڦهلائڻ جي ل??ءِ سموريون ڪوششون ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته پوري قوم کي گهرجي ته ملڪ کي ماحولياتي خطرن کان بچائڻ ۽ صحتمند ماحول مهيا ڪرڻ جي ل??ءِ وڻڪاري جي مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي ته جيئن پاڪستان هر قسم جي ماحولياتي آلودگي ۽ ماحولياتي خطرن کان محفوظ رهي. ان کان اڳ وزيراعظم پي ايم هائوس ۾ ٻوٽو هڻي بهار جي موسم جي ملڪ گير وڻڪاري مهم شروعات ڪئي. واضح رهي ته هلندڙ سال 2024ع ۾ بهار جي موسم مهم دوران سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي 5 ڪروڙ 43 لک 80 ??زا?? ٻوٽا هنيا ويندا، 2023ع جي برسات جي موسم جي وڻڪاري مهم دوران 4 ڪروڙ 90 لک کان وڌيڪ ٻوٽا هنيا ويا هئا. بهار جي موسم جي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ 41 لک، سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 17 لک 20 ??زا??، خيبرپختونخواهه ۾ 57 لک 10 ??زا??، بلوچستان ۾ 30 لک، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ هڪ ڪروڙ 18 لک 50 ??زا?? ۽ گلگت بلتستان ۾ 80 لک ٻوٽا هڻڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. 2023ع جي موسم جي برسات جي وڻڪاري مهم دوران پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ 46 لک 20 ??زا??، سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 90 لک، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ڪروڙ 6 لک 80 ??زا??، بلوچستان ۾ 10 لک 60 ??زا??، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 33 لک ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 لک 60 ??زا?? ٻوٽا لڳايا ويا.