اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم دنيا کي خصوصي ??اڻ??ن جي شاندار صلاحيتن کان متعارف ڪرايو آهي، ان جي ڀرپور حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم سان ??ال??ائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته قومي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي ۽ ٽورنامينٽس ۾ شرڪت ڪري اکين کان محروم ڪرڪيٽرز جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم دنيا کي خصوصي ??اڻ??ن جي شاندار صلاحيتن کان متعارف ڪرايو، تازن ??ال?? ۾ پاڪستان ۾ بلائنڊ ڪرڪيٽ خصوصي ڌيان ۽ سڃاڻپ حاصل ڪئي آهي. صدر چيو ته پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جو ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي مقابلن جي فروغ ۽ انعقاد جي لاءِ سرگرم هجڻ خوش آئنده آهي، بلائنٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀرپور حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. هن چيو ته بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي جدوج??د ۽ ڪاميابين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪرڪيٽرز جي متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي کي ساراهڻ گه??جي. ان موقعي تي ٽيم مئنيجمينٽ صدر کي ٽيم جي تازي ڪارڪردگي بابت بريف ڪيو. پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ميمبرن حوصلا افزائي تي صدر ۽ خاتون اول جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ خاتون اول ثمينه عارف علوي پڻ موجود هئي.