اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) نگران وفاقي ڪا??ينا مُلڪ ۾ ڀنگ جي پوکيءَ لاءِ ڪينابيس ڪنٽرول اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2024ع جي اصولي منظوري ڏيندي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ وفاقي تعليمي ادارن جي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ 227 استادن کي مستقل بنيادن تي مقرر ??رڻ ۽ جبري گمشدگين تي ٺاهيل ڪا??ينا ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفاقي ڪا??ينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي شروع ۾ باجوڙ ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس اهلڪارن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ۽ ان جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. ڪا??ينا شهيد پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته رياست شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي، شهيد پوليس اهلڪارن اسان جي ايندڙ سڀاڻي جي لاءِ پنهنجو اڄ قربان ڪري ڇڏيو، رياست انهن جي پونئيرن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ انهن جي ڀلائي جو هر ممڪن خيال رکيو ويندو. هن چيو ته دهشتگرد ج??تري قدر بزدلاڻيون ڪا??روايون ڪندا انهن جي خلاف رياست جي ردعمل ۾ ايتري ئي شدت ايندي، دهشتگرد 24 ڪروڙ ماڻهن جي عزم کي هارائي نه ٿا سگهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين پوليو جي خاتمي وارو مشن ڀرپور طريقي سان جاري رهندو. نگران وزيراعظم پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومتي ڪوششن ۾ پاڪ فوج، پوليس، پوليو ورڪرز ۽ ٻين ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. وفاقي ڪا??ينا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2018ع جي فيصلي جي روشني ۾ وفاقي تعليمي ادارن جي پيش ڪيل سمري ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سفارشن جي روشني ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ 227 استادن جي مستقل بنيادن تي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪا??ينا گهرو وزارت جي سفارش تي جبري گمشدگين تي ٺاهيل ڪا??ينا ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪا??ينا کي ٻڌايو ويو ته ان کان اڳ اڳوڻي نگران گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي کي ان ڪميٽي جي سربراهي ڏني وئي هئي، سندس استعيفيٰ کانپوءِ نگران وزيراعظم جي منظوري سان ڪا??ينا ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي پئي وڃي، نئين سر جوڙيل ڪميٽي جي صدارت قانون ۽ انصاف وارو نگران وفاقي وزير ڪندو. وفاقي ڪا??ينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي سپريم ڪورٽ بلڊنگ ڪميٽي جي تجويز سان اتفاق ڪندي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جي لاءِ نئين تعمير ٿيندڙ عمارت ۾ سڄي ڪراچي ۾ مختلف جاين تي قائم سمورين فيڊرل ڪورٽس ۽ ٽربيونلز جي منتقلي ۽ عمارت جي خاڪي ۾ ضروري ترميمون ??رڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري پنهنجي موجوده عمارت ۾ ڪم جاري رکندي. وفاقي ڪا??ينا قومي غذائي ??حف?? ۽ تحقيق واري وزارت جي سفارش تي لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري ڊيولپمينٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو جي مقرري جي حو??لي سان پيش ڪيل سمري تي هدايت ڪئي ته ان حو??لي سان بلوچستان ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽس جي فيصلن جي روشني ۾ لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري ڊيولپمينٽ بورڊ جي انتظامي بورڊ کي فعال ڪيو وڃي ته جيئن چيف ايگزيڪيوٽو جي مقرري جي حو??لي سان قانوني گهرجون پوريون ڪري سگهجن. وفاقي ڪا??ينا ڪينابيس ڪنٽرول اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2024ع جي اصولي منظوري ڏيندي ان کي ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪا??ينا ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. ان اٿارٽي تحت ملڪ ۾ ڀنگ جي پوکيءَ، ايڪسٽريڪشن، ريفائننگ ۽ طبي ۽ صنعتي استعمال جي حو??لي سان ضروري ضابطا جوڙي سگهبا. وفاقي ڪا??ينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 13 ڊسمبر 2023ع، 15 ڊسمبر 2023ع ۽ 20 ڊسمبر 2023ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪا??ينا حڪومتي ملڪيتي ادارن بابت ڪا??ينا ڪميٽي جي 28 ڊسمبر 2023ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪا??ينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪا??ينا ڪميٽي جي 22 ڊسمبر 2023ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي.