اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي ڪرمان دهشتگرد حملي تي ايران جي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ان وحشياڻي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ان جي عوام ڏک جي هن گهڙ??ءَ ۾ ايراني عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آ??ي. هن چيو ته پاڪستان ان??ن سوڳوار خاندانن سان همدرد??ءَ جو اظهار ڪري ٿو جن حملن ۾ پنهنجي پيارن کي وڃايو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.