ڪراچي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آغا خان يونيورسٽي جي صدر ڊاڪٽر سلمان شهاب الدين ملاقات ڪئي. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب ملاقات ۾ صدر آغا خان يونيورسٽي نگران وزيراعظم جي دوري جي آجيان ڪئي ۽ يونيورسٽي جي م??تلف شعبن ۾ خدمتن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. نگران وزيراع??م آغا خان يونيورسٽي جي م??موعي طور تي ۽ خاص طور تي صحت جي شعبي ۾ اڻٿڪ ۽ تحقيق ??ي ٻڌل تعليمي خدمتن کي ساراهيو.