نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان مستقبل ۾ ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنڌو درياءَ ??ي منصوبي ۽ ارلي وارننگ نظام بابت منصوبابندي سميت ٻيا قدم کنيا آهن، 2030ع تائين پاڪستان 60 سيڪڙو متبادل توانائي جا ذريعا استعمال ڪندو،گلوبل وارمنگ جي خلاف هر هڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ن??را?? وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهي?? آهي، گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي، گلوبل وارمنگ جي ڪري پاڪستان کي قدرت آفت کي منهن ڏيڻو پيو، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ان موقعي تي پاڪستان سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ عالمي دنيا کي پاڪستان جي مدد لاءِ متحرڪ ڪيو جنهن تي ان جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ڪلائميٽ ريزيليئنس جي لاءِ نيشنل ايڊاپٽيشن منصوبي تي عملدرآمد شروع ڪي?? آهي، ان منصوبي تحت مستقبل ۾ ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نشاندهي ڪيل منصوبن ۾ سمورا وسيلا ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آندا ويندا، ٻئي مرحلي ۾ سيڙپڪاري جي فراهمي جو فريم ورڪ جوڙيو ويندو جنهن سان مخصوص نشاندهي ٿيل شعبن ۾ ضرورتن جي فراهمي ۾ مدد ملندي. ن??را?? وزيراعظم چيو ته 2025ع انيشي ايٽو تحت سنڌو درياءَ ??ي حوالي سان منصوبي جي شروعات ڪئي آهي، نيشنل ايڊاپٽيشن منصوبيتحت ڊيزاسٽر رسڪ مئنيجمينٽ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان جي ارلي وارننگ صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا آهن، عالمي حدت ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي تنهن هوندي به سڀ کان وڌ??ڪ متاثر ٿيندڙن ۾ شامل آهيون، عالمي حدت روڪڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جو حص?? آهيون. هن چيو ته پاڪستان 2030ع تائين پنهنجي توانائي جي 60 سيڪڙو ضرورت متبادل توانائي جي ذ??يعن سان حاصل ڪندو، ان تي 100 ارب ڊالر جي لاڳت آهي جنهن تي اسان کي عالمي مدد جي ضرورت آهي. هن ماحوليات جي تحفظ جي حوالي سان قرآن پاڪ جي آيت جو حوالو ڏيندي چيو ته اسلام ماحول جي تحفظ جي ذميواري کي فروغ ڏيڻ جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته قدرتي وسيلن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ گهرجي، مستقبل جي خطرن کي منهن ڏيڻ بابت قابل عمل سوچ اختيار ڪرڻ گهرجي، موسمياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي مالياتي ۽ فني تعاون جي ذ??يعي موسمياتي انصاف ملڻ گهرجي.