ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مل??ي معاشي مسئلن جي حل لاءِ ڪاروباري برادري جو ??هم ڪردار آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل سان مل?? ۾ وڏي پئماني تي ٻاهرئين سيڙپڪاري ٿيندي، ڪراچي جي واپاري برادري کي سهولتون ڏيڻ ۽ انهن جي مسئلن جو ??ل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو ??ظهار هن ڪراچي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر طارق يوسف ۽ چيف ايگزيڪيوٽو زبير موتي والا جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيرن سيد نويد قمر، سيد امين الحق، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، مملڪتي وزير مصدق مل??، خاص معاونين طارق باجوه، طارق پاشا، جهانزيب خان، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي واپاري برادري کي سهولت ۽ انهن جي مسئلن جو ??رجيحي بنيادن تي حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي، مل??ي معاشي مسئلن جي حل لاءِ ڪاروباري برادري جو ??هم ڪردار آهي، ڪراچي ۾ بجلي ۽ گئس جي منصفاڻي ورڇ جي لاءِ توهان جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته حڪومت مل?? ۾ مثبت ڪاروباري ماحول قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن، حڪومت 10 هزار ميگاواٽ شمسي بجلي جو منصوبو ٺاهيو آهي جنهن ۾ ٻاهريان سيڙپڪار گهري دلچسپي جو ??ظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) سان مل?? ۾ وڏي پئماني تي ٻاهرئين سيڙپڪاري ٿيندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جا عملدار واپاري برادري سان تعاون سان انهن جا مسئلا حل ڪن. هن چيو ته حڪومت ڪراچي جي واپارين کي هڪ قيمت تي بجلي جي فراهمي ??قيني بڻائيندي. ان موقعي تي ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ??ي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ واپاري برادري جي اڳواڻ زبير موتي والا واپاري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪيون ۽ وزيراعظم جي واپاري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو.