نٿياگلي -08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پا??ستان دنيا ۾ امن ۽ خوشحالي چاهي ٿو، گڏيل سهڪار سان پا??ستان ۽ سوئٽزرلينڊ کي قدرتي آفتن کان تحفظ ۾ مدد حاصل ٿيندي. پا??ستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت ??ي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پا??ستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ ايم او يو ??ي صحيون هڪ وڏو قدم آهي جنهن سان مستقبل ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻئي ملڪ ٽيڪنالاجي ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته پا??ستان کي قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ آگاهي فراهم ڪرڻ واري جديد نظام سميت ٻين سهولتن جي دستيابي لاءِ سهڪار کي هٿي وٺائڻ جا خواهشمند آهيون. هن زور ڏيندي چيو ته پا??ستان عالمي ماحولياتي تبديلي جي اثرن سبب ڏاڍو متاثر ٿي رهيو آهي جڏهن ته ڪاربن جي نيڪال ۾ اسان جي ملڪ جو حصو انتهائي ٿورو آهي. وزيراعظ?? ان خواهش جو اظهار ڪيو ته پا??ستان سوئٽزرلينڊ سان گڏ مختلف شعبن خاص ڪري سياحت جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پا??ستان خوبصورت قدرتي نظارن سان مالا مال آهي. سوئس پرڏيهي وزير طرفان خطي ۾ امن و امان جي تاثرن تي وزيراعظم چيو ته خطي ۾ امن و امان جو قيا?? انتهائي ضرورت آهي ۽ سوئٽزرلينڊ خطي ۾ امن و امان کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پا??ستاني عوام جي فلاح و بهبود لاءِ ترقي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺائڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙي ريت اسان بيروزگاري، غربت جي خاتمي ۽ تعليم ۽ آءِ ٽي جي صنعت کي ترقي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ زراعت جي شعبي کي ترقي ڏيڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي به اها ڳالهه نظر ۾ رکڻ گهرجي ته پا??ستان خطي ۾ ڇڪتاڻ برداشت نه ٿو ڪري ۽ نه ئي پنهنجا وسيلا ضايع ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اسان پنهنجي وسيلن سان ملڪ جي ترقي جا خواشمند آهيون. وزيراعظ?? ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته ڪشمير سميت ٻين تڪرارن جو خاتمو خطي ۾ ڊگهي امن و امان کي قائم ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي. سوئٽزرلينڊ جي پرڏيهي وزير اگنازئيو ڪاسيس چيو هو ته آفتن سان منهن ڏيڻ جي حوالي سان پا??ستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ واري مفاهمت جي يادداشتن ??ي صحيحن لاءِ هن کي پا??ستان ۾ موجودگي تي فخر آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيندا. پا??ستان جي قديم ثقافتي تاريخ آهي ۽ هي پنهنجي خوبصورت لينڊ سڪيپس سبب سڄي دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو. سوئيز پرڏيهي وزير چيو ته بدقسمتي سان پا??ستان قدرتي آفتن سبب شديد متاثر ٿي رهيو آهي جنهن سانه رڳو انساني آبادي پر زراعت ۽ بنيادي ڍانچي جو شعبو به بري طرح متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي حوالي سان سهڪار جي مفاهمت هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته پا??ستان کي درپيش خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪري. 2010ع ۽ 2022ع ۾ تباهه ڪن ٻوڏ سبب پا??ستان شديد متاثر ٿيو. سوئز پرڏيهي وزير چيو ته منهنجو ملڪ پنهنجي تجربن ۽ وسيلن سان نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته پا??ستان ۾ ٻوڏن سبب جاني ۽ مالي نقصان تمام گهڻو آهي. هن چيو ته اسان شراڪتداري جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. عالمي ذميواريون آهن ته اسان متحد ٿي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻون. ان کان پهرين وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سوئيز پرڏيهي وزير جي موجودگي ۾ پا??ستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار جي مفاهمتي يادداشت ??ي صحيحيون ڪيو?? ويون.