حيدرآباد-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊائريڪٽر جن??ل ايڇ ڊي اي فواد غفار سومرو ضلعي جي سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آ??ي ته امڪاني طوفاني برساتن دوران گذريل سال وانگر فيلڊ ۾ موجود رهندي برساتي پاڻي جي نيڪالي واري عمل جي نگراني ڪن. پنهنجي آ??يس مان جاري ڪيل پريس بيان ۾ هن چيو ته صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ عوام کي پريشانين کان محفوظ رکڻ لاءِ سمورا لاڳاپيل عملدار ۽ عملو سنجيدگي ۽ دلچسپي سان پنهنجا فرض ادا ڪن. هن، حيسڪو اختيارين کي هدايت ڪئي ته اهي واسا جي سمورين پمپنگ اسٽيشنن تي بنا رنڊڪ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائين ڇاڪاڻ ته جن??يٽر تي پمپنگ مشينن کي فعال رکڻ جي صلاحيت فقط 25 سيڪڙو هوندي آ??ي ۽ پاڻي جي نيڪالي وارو ڪم پڻ متاثر ٿيندو آهي ضرورت ان ڳالهه جي آ??ي ته پمپنگ اسٽيشنن کي بجلي فراهم ڪندڙ فيڊرن کي فعال رکڻ لاءِ ضروري انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد چيو ته ڪوآپريٽو سوسائٽيز ۽ بلڊنگس کاتو سرڪاري ڪالونين ۽ سوسائٽيز مان برساتي پاڻي جي نيڪالي جا ذميوار آه?? تنهنڪري ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کان پاسو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ت?? مون سميت سمورا لاڳاپيل عملدار پاڻمرادو برساتي پاڻي جي نيڪالي وارن ڪمن جي نگراني ڪندا ۽ انشاالله ماڻهن جي جانين ۽ ملڪيتن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا گهربل وسيلا ڪتب آندا ويندا.