پنڊ دادن خان – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين نوشڪي پنجگور ۾ دهشتگردي جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيد جوان با??ر حفيظ جي گهر ويو ۽ شهيد جي والد محمد حفيظ سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه با??ر حفيظ شهيد دهشتگردن جو دليري سان مقابلو ڪيو، ملڪ ۽ قوم جي لاءِ سندس قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ??ه قوم ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ با??ر حفيظ شهيد جي گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آهي. شهيدن جي خاندانن جا حوصلا آهن جو اهي شهادتن تي فخر ڪن ٿا، اسان پنهنجي شهيد جوانن جي رت جا مقروض آهيون، ??ورو پاڪستان انهن خاندانن جو احسان مند آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، ??اڪستان جي رياست ۽ حڪومت شهيدن جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺندي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد با??ر حفيظ جا درجا بلند فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.