اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري سيالڪوٽ واقعي کي بي رحماڻو ۽ قابل مذمت قرار ڏيندي چيو آه?? ته واقعي جي شفاف ۽ غ??ر جانبداراڻي جاچ ڪئي ويندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پنجاب حڪومت ۽ سيالڪوٽ انتظاميه کي 24 ڪلاڪن اندر جوابدارن تائين پهچڻ ۽ گرفتاري??َ جا حڪم ڏنا ويا آه??. پوري رياست ۽ پاڪستاني شهري ان بي رحماڻي واقعي جي مذمت ڪري رهيا آه??. هن چيو ته هر پرڏيهي ۽ اقليتن جي مال ۽ جان جي حفاظت رياست جي ذميداري آه??. سيالڪوٽ جو واقعو عدالت کان مٿانهون ۽ ملڪ ۾ مذهبي منافقت پيدا ڪرڻ جي ڪِريل سازش آه??. گستاخ رسول ۽ توهين مذهب جي سزا لاءِ ملڪي قانون موجود آه??، هر مجرم کي قانون جي سامهون آندو ويندو. اهڙا واقعا بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي بدنامي??َ جو سبب بڻجن ٿا.