اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪور??نا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ جن ماڻهن پهريُون ڊوز هڻايو آهي اهي ميسيج جي انتظار بدران ويجهي ويڪسينيشن سينٽر تان ويڪسين جو ٻيو ڊوز لڳرائين، 30 سيپٽمبر تائين جيڪي ويڪسين نه لڳرائيندا اهي ڪيترين ئي سهولتن کان محروم ٿي ويندا. ڪور??نا ويڪسينيشن بابت پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪور??نا وبا کي پوري دنيا منهن ڏئي رهي آهي. مقابلو ??ڪ ڏکيو مرحلو ??و، پاڪستان ڪور??نا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بهترين حڪمت عملي اختيار ڪئي. هن چيو ته ضروري آهي ته فوري طور تي پاڻ کي ۽ گهرڀاتين کي ويڪسين لڳرائي پنهنجو پاڻ ۽ معاشري کي محفوظ بڻايو، ڪور??نا وائرس جو گراف جيترو ??يٺ ويندو معيشت، روزگار ۽ معمولات زندگي ايتري بهتر ۽ محفوظ ٿيندي.