اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي چانور جي برآمدات کي وڌائڻ جي لاءِ ڊگهي مدي واري فنانسنگ (ايل ٽي ايف) ايڪسپورٽ ري فنانسنگ اسڪيم تي م??ثر عملدرآمد جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻن، حڪومت معاشي استحڪام جي لاءِ برآمد ڪندڙن جي حوصلا افزائي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان نيشنل ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪئي ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ مارڪيٽ شيئر حاصل ڪرڻ جي لاءِ چانور برآمد ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. اجلاس ?? ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، صنعت ۽ پيداو??ر واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، وزيراعظم جي واپ??ر واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، چانور برآمد ڪندڙن ۽ لاڳاپيل سينيئر آفيس??ن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته چانور جي شعبي جي برآمدا?? ۾ ??هتري جا وسيع امڪان موجود آهن. اهو زمين جي ليزر ليونگ ۽ چانور جي پوکيءَ ۽ واڍيءَ جي م??ڪاني طريقن کي اختيار ڪندي في ايڪڙ فصل جي پيداو??ر وڌائي پنهنجي برآمدي هدف کي م??جوده 2 بلين آمريڪي ڊالر مان وڌائي 5 بلين ڊالر تائين وٺي وڃي سگهي ٿو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته آرگينڪ ۽ برائون رائس جي پيداوار تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ۽ ماڻهن کي انهن جي استعمال جي ترغيب ڏني وڃي ته جيئن مل?? ۾ ??گر جي مرض جي وڌندڙ رجحان تي ضابطو آڻي سگهجي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي چانور جي برآمدات کي وڌائڻ جي لاءِ ڊگهي مدي واري فنانسنگ (ايل ٽي ايف) ۽ ايڪسپورٽ ري فنانسنگ اسڪيم تي م??ثر عملدرآمد جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻن.