اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) نيشنل ??ون??ورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز (نمز) ماحولياتي ز??ال جو سبب بڻجندڙ ڪنهن به شيءَ کي استعمال نه ڪرڻ جو عزم ڪندي ”زيرو ويسٽ ڪيمپس“ بڻجڻ جو اهم قدم کني?? آهي، ان سلسلي ۾ ويسٽ مينيجمينٽ بابت ”فائيو آر“ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي، اهو قدم ماحوليات جي عالمي ڏهاري سان هم آهنگ آهي جيڪو اڄ سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، آمريڪا، برطانيا ۽ آسٽريليا ۾ ڪيتريون ئي مشهور ??ون??ورسٽيون پهرين ئي ”زيرو ويسٽ ڪيمپس“ بڻج?? چڪيون آهن، ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي جي ڏس ۾ فائيو آر حڪمت عملي ”گهٽتائي، ٻيهر استعمال، ري سائيڪل، ڳرڻ، سڙڻ ۽ شعور بيداري“ جي باري ۾ آهي. فيڪلٽي آف سوشل سائنسز اينڊ هيومينيٽز جي ڊين پروفيسر اعظم چوڌري هتي جاري بيان ۾ چيو ته ??اڪستان ”فائيو آر“ جي حوالي سان 2009ع ۾ ”ٿري آر“ (ريڊيوس، ري يوز اينڊ ري سائيڪل) ڪم??ون??ي پهرين ئي ميمبر بڻج?? چڪ?? آهي، جڏهن خطي ۾ وسيع تر تعاون جي لاءِ جاپان جي تجويز تي ايشيا ۾ ريجنل ٿري آر فورم جو قيام عمل ۾ آندو ويو هو تنهن هوندي به اسان کي اداره جاتي ۽ انفرادي ٻنهي سطح تي ماحولياتي زا??ال جو سبب بڻجندڙ عملن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻندي معاشري جي حيثيت سان گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.