ڪراچي – 14 فيبروري (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ جي ??ڏي وزير سيد مراد علي ش??هه جي سنڌ مان سينيٽ جون 10 سيٽون ڪڍڻ جي دعويٰ هارس ٽريڊنگ جو اعتراف آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي ??ڏي وزير سيد مراد علي ش??هه جي سينيٽ چونڊن تي ڏ??ل بيان تي وڊيو پيغام ۾ پنهنجو ردعمل ڏيندي ڪيو. حليم عادل شيخ اعترافي بيان تي س??ري?? ڪورٽ کان ان جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. مخالف ڌر اڳواڻ وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ جي ??ڏي وزير سيد مراد علي ش??هه کي خواب ۾ ڇيڇڙا نظر اچي رهيا آهن، گذريل سينيٽ چوندن ۾ سنڌ جي عوام جو پئسو ڦريو ويو هو، پيپلزپارٽي خيبرپختونخو??هه ۾ نوٽن جي ڳٺڙين سان ووٽ خريد ڪيا هئا. حليم عادل شيخ چيو ته اسان چاهيو پئي ته چونڊون اوپن راءِ شماري تي ڪيون وڃن پيپلزپارٽي سدائين مخالفت ڪئي آهي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي غريب عوام جو پئسو هي ماڻهو سينيٽ چونڊن تي لڳائڻ چاهين ٿا.