اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 54 فوتگيون ٿيون جنهن مان 28 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ??اري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 363 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 54 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 47 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 49 سيڪڙو، لاهور ۾ 37 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 40 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 45 سيڪڙو، ملتان ۾ 38 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 39 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 43 هزار 744 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان ??نڌ ۾ 13 هزار 632، پنجاب ۾ 16 هزار 635، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 234، اسلام آباد ۾ 5 هزار 798، بلوچستان ۾ 584، گلگت بلتستان ۾ 419، آزاد ڪشمير ۾ 442 ٽيسٽ شا??ل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان ??حتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 80 هزار 696 ٿي چڪو آهي.