اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ وسيع صلاحيت موجود آهي، ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ آءِ ٽي ج?? مصنوعات جو روانگي واپار وڌائڻ لاءِ ان ??لاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ خصوصي ٽيڪنالاجي زون قائم ڪرڻ بابت اجلاس جي ص??ارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جا نوجوان نظر انداز ڪيل آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي مان و?? کان و?? فائدو کڻندا، وزيراعظم غير ملڪي سيڙپڪاري کي حاصل ڪرڻ لاءِ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز جي قيام ۾ خصوصي مراعتن کي به حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.