اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته نيويارڪ ۾ پي آءِ اي جي ملڪيتي روز ويلٽ هوٽل بابت سمورا فيصلا قومي مفاد ۾ شفاف ??نداز ۾ ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اج??اس جي صدارت ڪندي چئي، اج??اس هتي ڪابينا ڊويزن ۾ منعقد ٿيو، عبدالحفيظ شيخ جي ه??اي??ن جي روشني ۾ اج??اس کي روز ويلٽ هوٽل بابت معاملن جي باري ۾ اپ ڊيٽ بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم جي صلاحڪار اهو معاملو منصفاڻي، انتهائي شفاف ۽ بهترين قومي مفاد ۾ حل ڪرڻ جي ه??اي?? ڪئي، هن روز ويلٽ هوٽل بابت سمورن فيصلن ۽ ڳالهين ۾ هوابازي واري سيڪريٽري سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين کي شامل ڪرڻ جي ه??اي?? ڪئي.