اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) قومي رابطا ڪميٽي ۾ س??ورن صوبائي وڏن وزيرن طرفان ڪيل فيصلن تي عم??در??مد لاءِ مروجه پلان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي موڪليا وڃن ته جيئن فيصلن تي عم??در??مد کي موثر ۽ يقيني بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ اين سي او سي ڪيل فيصلن تي آئنده جي لائحه عمل، سياحت جي شعبي کي کولڻ بابت تجويزن ۽ ايس او پيز تي عم??در??مد جي حوالي سان غور ڪيو، اسد ع??ر جو وڌيڪ چوڻ هو ته صوبائ?? چيف سيڪريٽريز سان عم??در??مد لاءِ جوڙيل لائحه عمل اين سي او سي ۾ پيش ڪيو وڃي، هن خبردار ڪيو ته بازار، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبا انتهائي خطرناڪ جايون آهن جتي ڪورونا جي پکڙجڻ جو خدشو تمام گهڻو آهي جنهن جي لاءِ ايس او پيز تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي.