اسلام آباد – 29 مارچ (اي پ?? پي) وزيراعظم جي صحت واري خا?? معاون ڊ??ڪٽ?? ظفر مرزا چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ چين جي تعاون تي ٿورائتا آهيون جنهن ضروري طبي سامان جي فراهمي سان گڏوگڏ پنهنجا تجربا اسان سان شيئر ڪيا، پاڪستاني شهرين جي لاءِ چين جي امداد کي ساراهيون ٿا، ??يني ڊ??ڪٽ??ن جو اچڻ اهم آهي ڇو ته پاڪستان ڪرونا وائرس جي مريضن جي سارسنڀال جي لاءِ طبي عملي جي تربيت شروع ڪري رهيو آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پ??ڪ) تحت صحت جا شعبا به هڪ ٻئي سان تعاون جاري رکندا، اميد آهي ته پاڪستان جا طبي ماهر چيني ڊ??ڪٽ??ن کان وبا کي روڪڻ جي لاءِ انهن جي تجربن مان سکندا.